ڪراچي جا قديمي وارث ۽ سنڌ جو مجموعي سياسي رويو


ڪراچي جا قديمي وارث
۽ سنڌ جو مجموعي سياسي رويو


ليکڪ:  آدرش ۽ محمد بلوچ
ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ


هڪڙو منٽ ترسو...


"ڪرانچي ڪسي ڪي باپ ڪي جاگير نھين" جي بڪوات ۽  "ڪراچي سنڌ آ!!!" جي هڪلن کي ٿورڙي دير لاءِ ٻنجهو ڏيو... ساهي پٽيو... گھڻو ڳالھائي چڪا... هاڻ ٿورڙو ٻُڌي بہ وٺو...

ڪيتري وقت کان  ھي مورچا بنديون وقفي وقفي سان ھلنديون ٿيون اچن.. اها ڪا نئين ڳالھ ڪونھي... سال ۾ هڪڙي سيزن ايندي آهي تہ هُتان ڪو ٽرڙو ڇورو لونڊو لپاڙو "ڪرانچي همارا هے" جي هِينگ ڏيندو آهي ۽ سامھون خماريل جوڌا ڇرڪ ڀري جاڳندا آهن... "ڪراچي سنڌ آ...!!!"

سڀ  ان پراڻي PUBG گيم ۾ لڳا پيا آهن... پوءِ اھو ريٽنگ جو بکيو اردو ڳالھائيندڙ صحافي ھجي يا انھن جو تعصب ۾ ٻڏل نالي ڪٺيو دانشور .. يا وري قاضيءَ کان حاجيءَ جو لقب ماڻيل اسان جو ڪو مھا ڏاھو هجي يا واندو ويھي ويھي ڪڪ ٿي پيل قوم پرست...  سڀ پنھنجن پنھنجن مورچن تي بيھي گولي باري ڪري رھيا آھن..

ھن سڄي وايو منڊل ۾ لکن جي انگ ۾  ڪيترين ئي صدين کان هتي رھندڙ اصلوڪن سنڌي ۽ بلوچي ٻولي ڳالھائيندڙ ڪراچي واسين کان ڪنھن ڀلجي بہ نہ پڇيو تہ  "بتا تیری رضا کیا ھے"


پنھنجي هيڻي حال باوجود ٻاهرين آباديءَ جي مانگر مڇ سان جهيڙَي، پنھنجي رت ست ۽ اڏولتا سان ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي اصلوڪي تشخص کي بحال رکندڙ ڪلاچيءَ جي ھنن ڪردارن کي جَيڪڏهن  ڌارين ڳنوار،  ڄٽ ۽ جاهل قرار ڏنو تہ پنھنجن وري ڪھڙو تمغو پارايو : "اتر جي ڍڳي جو بہ اتر نہ لھندڙ ماڻھو!"



جيڪڏهن ڪنھن کي "وڙھن ساند، لتاڙجن ٻُوڙا" جي تصوير ڏسڻي هجي تہ اچي ڪراچيءَ جي هنن اصلوڪن ۽ قديمي مقامي ماڻھن جي تباھ حاليءَ کي ڏسي!

"کرانچی ہمارا ھے"  چوڻ وارن جي  ڪھڙي ڳالھ ڪجي، اھي ويچارا تہ اڄ ڏينھن تائين نہ پنھنجي وس رھيا آھن ءِِ نہ ئي پنھنجو ڪو فيصلو اٿن. اھي جن قوتن جا پيدا ڪيل آھن انھن جا ئي تابع آھن. اھي قوتون اڄ بہ کين جيئن حڪم ڪن، تيئن اھي ھٿ ٻڌي حاضر آھن. ھنن کي بہ ڪراچي تڏهن ئي پياري آھي، جڏھن چونڊن جو سيزن اچي. انھن تي تہ اسان جي ڪا ميار آهي بہ ڪانہ....

پر اچو ڏسون تہ اسان جي سنڌ جي " ھڏ ڏوکي" ڪراچي جي لاء واڳونءَ وانگي روئندڙ  سنڌي سياستدانن ۽ ساڃاھ وندن جو رويو ڪراچيءَ ۾ صدين کان رھندڙِ ڪراچي جي مقامي ماڻھن سان ڇا رھيو آھي؟

اجازت ڏيو تہ ڪجھ ماضي تي ڳالھايون. مڃون ٿا تہ سنڌ جو پڙھيل لکيل طبقو ھاڻي پنھنجي ماضي جي رويي کي غلط ٿو سمجھي پر بھرحال اهو تاريخ جو حصو ۽ اڄ جي حالتن جو بنياد آھي.
سنڌ جي مجموعي قيادت ڪراچي جو سودو ان وقت ڪري چڏيو ھو، جڏھن ننڍي کنڊ کي ورھايو ويو ھو. جڏھن سنڌ جو قيمتي سرمايو سنڌ مان لڏپلاڻ ڪري پنھنجي آلين اکين سان سنڌ ڇڏي وڃي رھيو ھو تہ سنڌ جي مذھبي عالم کان وٺي سنڌ جي صوفين تائين سڀ جا سڀ خاموش تماشائي بڻيل رھيا.  سنڌ جي سيڪيولر سوچ بہ مذھبي انتھا پسندي جي پيرن ھيٺان لتاڙجي چڪي ھئي.
سنڌ جي مجموعي قيادت تہ ڪراچي جو سودو ان ئي وقت ڪري ڇڏيو ھو، جڏھن ھندستان جي مھاجرن کي ڪراچي ۾ رھايو ويو ۽ اسان جي قیادت شعوري يا لا شعوري طور خاموش رھي ڪري حڪمرانن جي ساٿاري رھي.

مڪمل رٿابندي تحت  هڪڙي شھر ۾ اجتماعي طور تي ٿيندڙ ان آبادڪاريءَ جي نتيجن ۽ مقصد کان مجرماڻي غفلت  سنڌ جي تڏهوڪي سياسي قيادت پاران ڪراچي جو سودو نہ هئي تہ ڇا هئي؟  ٿيڻ تہ ائين گھرجي ھا تہ انھن ايندڙ مھاجرن کي انھن انھن علائقن ۾ آباد ڪيو وڃي ھا، جتان جتان ھندو سنڌي لڏي ويا ھئا، جيڪڏهن اها آبادڪاري ونڊ ورڇ سان ڪئي وڃي ها تہ سنڌ اڄ هن ناسور جو شڪار ئي نہ ٿئي ها.
جيڪڏهن  پاڪستان جي تڏهوڪن حڪمرانن اها آبادڪاري هڪ شھر ۾ پنھنجي مفاد ۽ هڪ مقصد تحت ڪئي تہ باقي سڄي سنڌ جي مجموعي قيادت خودغرضيءَ جي ڪري اھو سوچي خاموش رهي تہ اها نئين بلا ايڏانھن هڪڙي پاسي ٽريل هجي تہ ڀلو... اسان تہ بچيا پيا هجون... انھن اهو نہ سوچیو  تہ آبادڪاريءَ جي ان ٻوڏ ۾ ڪراچيءَ جي مقامي ماڻھوءَ جو مستقبل لڙھي ويندو.
ڪراچيءَ تان دستبرداريءَ جي پرواني تي سنڌ جي سياست ۽ ساڃاھ تڏھن ئي پنھنجي خاموشيءَ سان ٺپو ھڻي چڪي هئي، جڏهن ان کي پاڪستان جو گاديءَ جو هنڌ ٺاهي ان کي وفاق جي انتظام ۾ شامل ڪيو ويو هو...

"ڪراچي سنڌ آهي" جي دعوي' کي ڪراچي جي اصلوڪن  سنڌين ۽ بلوچن پنھنجو رت ست ڏيئي عملي سطح تي سچ ثابت ڪيو آهي ۽  اهو سچ سندن ايمان جو حصو آهي، پر سنڌ جي وفاقپرست ۽ قومپرست  مين اسٽريم سياست جا ٺيڪيدارو! اوهان جي ڪردار کي ڏسندي اوهان جي دعوي' ، پنھنجي احساسِ جرم  کي نشو ڏيئي سمھارڻ جي ڪوشش کان سواءِ ڪجهہ بہ نہ ٿي لڳي. 

سنڌي  جاگيردار هجي، وفاق پرست سياستدان هجي يا قومپرست هجن، هنن جڏهن بہ مھاجر قيادت سان سياسي ڳٺجوڙ قائم ڪيو، صرف چند مخصوص ۽ محدود مفادن تحت ڪيو، ان ۾ ڪڏهن بہ ڪراچي جي اصلوڪن  مقامي ماڻھن جي مفاد ۽ سندن وجود جي بقا کي لاحق خطرن کي نظر ۾ نہ رکيو ويو. انھن اتحادن ۾  ٻہ ئي ڌريون پنھنجا پنھنجا مفاد ماڻينديون رهيون ۽ ڪراچي جو قديمي باشندو پيڙجندو رهيو. طاقتور ڌريون ڪڏھن ھن اتحاد کي حوصلو ڏينديون  رھيون تہ ڪڏھن ان ۾ نفاق وجھنديون رھيون. جڏهن بہ اهو اتحاد ٺھيو تہ ان جو کَٽيو ٻين کاڌو، ۽ جڏهن جڏهن اهو ٽٽو تہ لٺيون ۽ گوليون  کائڻ ڪراچيءَ جي اصلوڪن سنڌي ۽ بلوچي ٻولي ڳالھائيندڙن جي نصيب ۾ آيو.

حڪمران سنڌي قيادت ھجي يا قوم پرست قيادت، انھن ڪڏھن بہ ھتان جي ماڻھوءَ جي سار نہ لڌي. ھتان جي ماڻھوءَ کي سدائين سياسي، سماجي ۽ معاشي طور پوئتي رکيو ويو. اقتداري ايوانن ۾ ھتان جي نالي ماتر نمائندن کي بہ سنڌي وڏيرن جو تابع بنايو ويو. جنھن جو ثبوت اهو آهي تہ اهي نام نھاد مقامي نمائندا ڪراچي کي برباد ٿيندي ڏسي رھيا آھن، ڪراچي خاص طور تي ملير جي قديم رهواسين جو وجود خطري ۾ آهي، هتان جي زراعت، ماحوليات، سنڌ جي اثاثي جي حيثيت رکندڙ ناياب جھنگلي جيوت،  تاريخ ۽ ماڳ مڪان سڀ ڪجهہ ميسارجي رهيو آهي، رياستي طاقت جي زور تي هتان جي زمينن کي بنجر ڪري هاڻ ڀڳڙن مٺ نيلام ٿيندي ڏسي بہ هو خاموش آھن، ڇاڪاڻ جو انھن کي ھڪ تہ پنھنجا ذاتي مفاد عزيز آھن ءِِ ٻئي طرف کين سنڌ جي ان نمائنده پارٽي پاليسين جي تابع رھڻو آھي، جنھن جي ايجنڊا ۾ ملير ڪراچي جي ماڻھوءَ جي وجود جي بقا نہ پر زمينن جو وڪرو شامل آهي.

جڏهن بحريہ جو ڀڳاڙ ڪاهي پيو، سنڌ جي اهائي پارٽي ۽ ان جا نمائندا ملڪ رياض جا دلال ٿي بيٺا، فيض محمد گبول جو ساٿ مقامي انڊيجينس رائٽس الائنس ۽ هڪ ٻن قومپرست شخصيتن کان سواء ڪنھن بہ نہ ڏنو. بحريہ ٽائون جي معاملي ۾ سنڌ جي مين اسٽريم سياسي اشرافيہ  پاران هتان جي ماڻھن سان روا رکيل رويو، سندن ترجيحات کي ايترو قطعيت سان واضح  ڪري ٿو، جو ٻيو ڪو دليل ڏيڻ جي ضرورت ئي باقي نہ ٿي رهي...
پر تڏهن بہ تڪميلِ هجت ٿي وڃي تہ بھتر...

ڇا ڪڏهن ڪنھن پارٽي ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي تشخص کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڀُلئي ڀُلائَي بہ اها ڪوشش ڪئي تہ عملي طور تي ڪراچي کي سنڌ جو حصو ثابت ڪرڻ لاءِ قربانيون ڏيندڙ ۽ ڀوڳيندڙ هتان جي اصلوڪن ۽ قديمي رهواسين جو ساٿ ڏجي، کين پروموٽ ڪجي ۽ سندن هٿ مضبوط ڪجن، ڪڏهن بہ نہ...!!  ايمانداريءَ جي ڳالھ اها آهي تہ  اسان وارن يارن جو طريقو بہ اهو ئي رهيو، جيڪو ڌارين جو هو..... يعني ڪراچي اچو ۽ هتي اچي اسٽيڪ هولڊر شپ مان پنھنجو حصو وصول ڪريو... ڪراچيءَ تي سنڌين جي مالڪيءَ کان ڪو نمڪ حرام ئي انڪار ڪندو، پر ان قسم جي مھم مان ڌرتيءَ سان محبت جي خوشبوءَ کان وڌيڪ، مفادن جي حاصلات ۾ ڀائيواريءَ جي ڌپ ٿي اچي...

ڇا ڪڏهن ڪنھن سوڃيو تہ ڪراچيءَ جي ميمڻن، گجراتين، ڪڇين ۽ ڪاٺياواڙين پاران پنھنجي سنڌي تشخص تان دستبردار ٿيڻ جا ڪارڻ  ڪھڙا هئا... جيڪڏهن سوچيو هجي ها  تہ اهو ساڳيو رويو اڄ بہ انھن مقامي ماڻھن سان روا نہ رکيو وڃي ها، جيڪي اڃان بہ پنھنجي سنڌي تشخص سان پيار ڪن ٿا، پر هن بدنصيب طبقي کي ان جو صلو هڪ پاسي تھمتن ۽ ٻئي پاسي نفرتن جي صورت ۾ مليو اهي.
نتيجو اھو آھي تہ ڪراچي جي مقامي ماڻھن کي نہ مراعات يافتہ مھاجر کان ڪجھ مليو ۽ نہ ئي سنڌ جي اقتداري ڌرين کان.  رهي ڳالھ قوم پرست تنظيمن جي، تہ  انھن جي سياست سن، راھوڪي کان شروع ٿي گاڏي کاتي م اچي پوري ٿي ٿئي... ڪراچي کين فقط ٽوپي اجرڪ واري ڏينھن ياد ٿي اچي يا وري ڪنھن توجہ لاءِ سِڪيَل ڪنھن واھيات ڇوري جي "ڪرانچي همارا هے" جي بڪوات ڪرڻ تي..  باقي ڪراچي جي قديم مقامي ماڻھن تي ڇا ٿو گذري، هو ڪھڙي حال ۾ آهن، ان سان ھنن جو تعلق ڪونھي. مختلف ھائوسنگ پروجيڪٽن ۽ الائي ڪھڙن ڪھڙن نالن تي ڪراچي خاص طور تي ملير ۾ مقامي ماڻھن جي زمينن کي زوري ھٿيڪو ڪيو پيو وڃي، غير مقامي آبادي جي يلغار آھي، فيڪٽرين جا دروزا مقامي ماڻھن جي لاء بند آھن. اھو فقط ڪراچي جي ماڻھن جو سر درد آھي، انھن ڳالھين ۾ ڪنھن جو ڪجهہ بہ نہ وڃي....

بحريہ ٽاؤن جھڙو راڪاس ھائوسنگ پروجيڪٽ رڳو ھتان جي مقامي ماڻھن کي ئي ريڊ انڊين بنائڻ جي سازش نہ آھي، بلڪہ لکين ماڻھن جي هڪ نئين آبادڪاري جو اهڙو منصوبو آهي، جيڪو اڳتي هلي سنڌ جي وحدت لاءِ حقيقي خطرو ثابت ٿيندو... پر حرام  ڪو سنڌ جي سياست جي واڳ ڌڻين ان تي حرف بہ ڪڇيو هجي، سنڌ جي قوم پرست سياسي احتجاجن ۾ ڪراچي جي قديمي ماڻھن جي حقن جي ڳالھ ڪڏھن اوھان ٻڌي هجي، باقي سنڌ جو اقتداري سياسي وڏيرو تہ آهي ئي ملڪ رياض جو دلال!

اهي سڀ هنن ٽرڙن ۽ لوسي ڇورن جي ڪرانچي ڪرانچي تي تہ شور ۽ احتجاج ٿا ڪن، هيش ٽيگ جي "جدوجھد" سولي آهي، گهر ويٺي ڪري سگهجي ٿي، پر هن هيڏي هاڃي تي سنڌ جي ساڃاھ ۽ سياست سڀئي سپ جي سراپيل وانگر  بنھ ماٺ، چپ ۽ خاموش آهن...

ياد رکو، اسٽبلشمنٽ کاٻو ڏيکاري ساڄو هڻندي آهي، سو اوهان ڪراچيءَ کي ٿا روئو،  پر هن هچا تي سنڌ جي  چند هڪ  سياسي ماڻھن کان سواءِ ڪنھن هڪڙو اکر بہ ناهي ڪُڇيو، جنھن تي ڪراچي جا اصلوڪا ۽ قديم رهواسي انڊيجينس رائٽس الائنس جي پليٽ فارم تان روڊن کان وٺي عدالتن تائين ويڙھ جي ميدان ۾ رهيا آهن... اتي نہ سنڌي ميڊيا ٿي ڪڇي ۽ نہ سياست.... اتي سڀني جا سبجي ٿا وڃن، اتي سڀني جي پيرن ۾ نو نيئر ڏھ ڏانوڻيون ٿيون پئجي وڃن... باقي سستي ۽ بازاري سياست ۽ هيش ٽيگ جي جدوجھد سان مشھور ٿي سنڌ جو سپوت سڏائڻ سولو آهي...

ان سطحي شعوري رويي سبب هاڻ ڌرتيءَ سان محبت جو پئمانو اهو وڃي بيٺو آهي تہ اوهين اڌ  سنڌ ملڪ رياض کي وڪڻندڙ پارٽيءَ جو اڻ ٽُٽ حصو بہ هجو ۽ "ڪرانچي" وارن لوسي ڇورن کي جواب ڏيڻ لاء "سنڌ مون لئہ وطن آهي" جھڙا نظم بہ پڙھو...


سنڌ سان محبت جي دعوي' ڪندڙ سياستدانو، صحافيو، دانشورو، اديبو، شاعرو ۽ سنڌ جا سڀ ماڻھؤ!!
ڪراچيءَ جي قديم باشندن ڪراچيءَ ۾ رياستي سرپرستيءَ ۾ ڌاري آباديءَ جي لوڌ باوجود ڪراچيءَ ۾ سنڌيت جي تشخص کي قائم رکڻ لاءِ هن شھر جي گهٽين ۽ رستن کي پنھنجو رت دان ڪيو آهي، ڇو تہ هنن وٽ ٽول پلازه ڪراس ڪرڻ وقت سنڌي ٽوپي ويڙھي کيسي ۾ رکڻ جو آپشن ئي موجود نہ رهيو آهي، هنن جو مرڻ جيئڻ هتي ئي آهي...
اها خبر هجڻ باوجود بہ تہ رياست جي سرپرستي سبب مارڪيٽ جي ٻولي اردو ۽ انگريزي آهي، هو پوءِ بہ هتي سنڌي ٻوليءَ جي بقا خاطر پنھنجن ٻارن کي سنڌي پڙهائيندا اچن،
جنھن جي قيمت ھنن قديم ماڻھن جاهل هجڻ جي طعنن سھڻ، اقتصادي بدحالي ۽ هر سھولت کان محرومي جي صورت ۾ چڪائي آهي. جڏهن تہ هنن پنھنجن اکين سان ڪراچيءَ ۾  افسر بابو بڻجي ايندڙن طرفان ٻہ ٽي سالن ۾ ئي پنھنجن ٻارن کي سنڌي ٻولي ڇڏي، اردو ۽ انگريزي ڳالھائيندڙ طوطو بنائيندي بہ ڏٺو آهي .. هنن "سنڌي ٻولي، جيجل جهولي" جھڙا گيت لکندڙ شاعرن  ۽ سنڌ جي محبت تي ٻڌل زخيم ناول لکندڙ اديبن جي  پٽن کي نڪ جي پڪائيءَ سان اسٽيج تي اهو چوندي بہ ٻڌو آهي تہ اسان کي سنڌي ڳالھائڻ نہ ٿي اچي.. 

ڪراچي جا اهي قديمي رهواسي اوهان  کان اھو پڇڻ جو حق رکن ٿا تہ ڇا اوھان جي لاءِ بہ ڪراچي رڳو زمين جو هڪ ٽڪرو آھي ۽ بس!؟  

ڇا سنڌي هجڻ ۽ سنڌي ڳالھائڻ جي ڏوھ ۾  ٽيھتر سالن کان ڪراچيءَ جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ ھتان جو قديمي رھاڪو ان جو حصو نہ آھن.
اهو سوال اسان جي ذهني گهڙت ناهي، بلڪ اوهان جي رويي مان پيدا ٿيندڙ هڪ منطقي سوال آهي.

اسان لفظي دعوائن بدران ڪراچيءَ کي هر سطح تي عملي طور  سنڌ جو حصو ثابت ڪيو آهي، آخر اسان ئي اوهان جي ايجنڊا ۾ ڇو موجود ناهيون...؟
اوهان لاء سولو طريقو اهو آهي تہ  سستن جذبن جي ڍڳ مان تعصب، تنگ نظر ۽ غدار جي لقبن جا ڪنڪر کڻي اسان تي اڇلايو ۽ پاڻ کي سنڌ دوست هجڻ جي خوشفھمي ۾ مبتلا رکو

يا وري هنن ڳالھين تي سنجيدگيءَ سان سوچيو ۽ مسقبل جي سياسي لائحه عمل ٺاهڻ وقت هنن بنيادي حقيقتن کي بہ سامھون رکو...
جيئي سنڌ

تبصرے