ڇا ٽيڪنالوجي ايندڙ پنج سالن ۾ ٻولين کي ختم ڪري ڇڏيندي؟




ڇا ٽيڪنالوجي ايندڙ پنج سالن ۾ ٻولين کي ختم ڪري ڇڏيندي؟

ٽيسلا ڪمپنيءَ جي مالڪ ايلون مسڪ چيو آهي تہ هو هڪ اهڙي ٽيڪنالوجيءَ تي ڪم ڪري رھيو آهي، جيڪا ايندڙ پنج سالن ۾ ٻولين کي ختم ڪرڻ جو سبب بنجي سگهي ٿي.

هن اميد ڏيکاري تہ سندس ڪمپني نيورا لنڪ ايندڙ سال تائين چِپ کي انساني دماغ سان ڳنڍڻ جي صلاحيت حاصل ڪري وٺندي. بيٽريءَ تي هلندڙ اها چپ انساني کوپڙيءَ ۾  لڳائي ويندي ۽ ان جا اليڪٽروڊز  احتياط سان انساني دماغ ۾ داخل ڪيا ويندا.

مسڪ جو چوڻ هو تہ اھا اوھان جي دماغ ۾ ڪٿي بہ ڪم ڪري سگهي ٿي. ان سان نظر جي ڪمزوريءَ کي بہ ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو. ايستائين جو اھا دماغ سان پيش ايندڙ ڪنهن بہ مسئلي کي حل ڪري سگهي ٿي.
جيتوڻيڪ شروعاتي طور تي اهي ڊوائسز دماغي چوٽ يا بيمارين کان متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ تيار ڪيون وينديون پر ايلون مسڪ مطابق اڳين مرحلي ۾ اهي ان کان گهڻو ڪجهه وڌيڪ ڪرڻ جي قابل بڻجي وينديون.

سندس چوڻ آهي ته اسان کي ڳالهائڻ لاءِ ٻولين جي ضرورت نہ رهندي، البتہ جذبن جي ترجمانيءَ لاءِ شايد ٻولين جو استعمال جاري رهي.
هن چيو تہ مونکي خبر ناهي تہ ٻولين سان ڇا ٿيندو!؟ ان صورت ۾ شايد ميٽرڪس فلم وارو حال هوندو.. جيڪڏهن اوهان مختلف ٻولين ۾ ڳالهائڻ چاهيو ته ان لاءِ اوهان کي انهن ٻولين جو پروگرام ڊائون لوڊ ڪرڻو پوندو.

"ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو؟"جي سوال جي جواب ۾ هن جو چوڻ هو تہ جيڪڏهن ٽيڪنالوجيءَ جي ترقي جي رفتار ايئن ئي رهِي، ته پنج کان ڏھ سال بہ وڏا آهن.

تبصرے